نائب وزيراعظم جي مصر جي پرڏيهي وزير سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۽ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪيو ويو. آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ مصر جي ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ۽ عالمي ۽ علائقائي صورتحال …

اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۽ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪيو ويو. آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ مصر جي ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ۽ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي، نائب وزيراعظم کي پنهنجي اولين سهولت مطابق مصر جي دوري جي دعوت به ڏني. ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي سلامتي بابت معاملن تي گڏيل رابطي ۽ شموليت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو.