اسلام آباد - 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جهنگلي جيوت جي تحفظ، مقامي آبادين ۽ گڏيل مستقبل جي لاءِ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته جهنگلي جيوت جو تحفظ، قدرتي وسيلن جي پائيدار استعمال ۽ مقامي آبادي جي ترقي هڪ ٻئي کي طاقت ڏئي سگهن ٿا. انهن خيالن جو اظهار هن سفارتي ڪلب انٽرنيشنل جي انتظام هيٺ منقد تقريب کي …
جهنگلي جيوت جو تحفظ، قدرتي وسيلن جو پائيدار استعمال ۽ مقامي آبادي جي ترقي هڪ ٻئي کي طاقت ڏئي سگهن ٿا: سيد يوسف رضا گيلاني
اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جهنگلي جيوت جي تحفظ، مقامي آبادين ۽ گڏيل مستقبل جي لاءِ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته جهنگلي جيوت جو تحفظ، قدرتي وسيلن جي پائيدار استعمال ۽ مقامي آبادي جي ترقي هڪ ٻئي کي طاقت ڏئي سگهن ٿا. انهن خيالن جو اظهار هن سفارتي ڪلب انٽرنيشنل جي انتظام هيٺ منقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سفارتي ڪلب انٽرنيشنل جي پاڪستان شاخ جي چيئرمين سيد صمصام علي بخاري، اڳوڻي وفاقي وزير قمر زمان ڪائره، اڳوڻي وفاقي وزير ملڪ امين اسلام، صدر مملڪت جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي ۽ پرڏيهي نمائندن شرڪت ڪئي. وقتي صدر چيو ته عالمي ڪنزرويشن گالا 2026ع ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن سفارتي ڪلب انٽرنيشنل پاڪستان شاخ جي ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته هن جهنگلي جيوت جي تحفظ، آگاهي، شڪارين جي حقن ۽ ذميواراڻي شڪار لاءِ پرعزم قومي ۽ عالمي شخصيتن کي هڪ جاءِ گڏ ڪيو، اهڙي طرح پليٽ فارمز اسان کي عالمي تجربن مان فائدو کڻڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي مختلف ماحولياتي خطن ۾ حاصل ڪيل پنهنجي علم ۽ تجربن کي دنيا سان ورهائڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان قدرتي حسن ۽ دنيا جي ڪجهه منفرد ۽ ذڪر جوڳن جهنگلي جيوت سان مالا مال آهي، جن ۾ مارخور، آئي بيڪس، اڙيال ۽ بليو شيپ شامل آهن. ان قدرتي ورثي جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته اسان جي تجربي مان ثابت ٿيو ته جهنگلي جيوت جي تحفظ جون ڪوششون هن وقت ڪامياب ٿين ٿيون جڏهن پارليامينٽ، حڪومت، مقامي آبادي، شڪاري، شڪار جا انتظام ڪندڙ ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ جون تنظيمون گڏجي ڪم ڪن. وقتي صدر چيو ته قانون موجب ۽ پائيدار طريقي سان ڪيل اخلاقي ۽ ذميواراڻي شڪار جهنگلي جيوت جي تحفظ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ گڏ ئي جهنگلي جيوت سان گڏ رهندڙ مقامي آبادين لاءِ به اهم فائدا پيدا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته زميني سطح تي حقيقي تبديلي آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان کي قانون سازي ۽ پاليسي جي فريم ورڪ ۾ مقامي آبادي، جهنگلي جيوت جي ماهرن، شڪارين، شڪار جا انتظام ڪندڙ ۽ ٻين جائز لاڳاپيل ڌرين جي رائين ۽ تجربن کي نظر ۾ رکيو وڃي. هن چيو ته انهن جي حقن جي سان جهنگلي جيوت ۽ ايندڙ نسلن جي حوالي سان سندن ذميواريون به لازم ۽ ملزوم هئڻ گهرجن، اسان کي لائسنس يافته شڪار جي انتظام ڪندڙن کي به اهم لاڳاپيل ڌر طور تسليم ڪرڻ گهرجي، هو شڪارين، جهنگلي جيوت جي عملدارن ۽ مقامي آبادين وچ ۾ هڪ اهم رابطي جو ڪردار ادا ڪن ٿا جڏهن ته انهن جو عملي تجربو پائيدار شڪار ۽ جهنگلي جيوت جي موثر انتظام ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سفاري ڪلب انٽرنيشنل جهڙين تنظيمن جو جهنگلي جيوت جي تحفظ، جهنگلي جيوت جي انتظام، تعليم ۽ عالمي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار آهي، جڏهن ته اهو سڄي دنيا ۾ ذميوار شڪارين جي نمائندگي به ڪري ٿو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته جهنگلي جيوت جي صحتمند آبادي، مضبوط مقامي برادريون، ذميواراڻا ۽ اخلاقي شڪار، موثر قانون ۽ ايندڙ نسلن لاءِ پاڪستان جي قدرتي ورثي جو تحفظ اسان جو مقصد واضح رهڻ گهرجي. هن ان موقعي تي پاڪسان ايندڙ عالمي مهمانن جي آجيان ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان اجتماع دوران اسان جي ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل رابطا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ عملي اڳڀرائي ۾ مددگار ثابت ٿيندا.












