وفاقي گهرو وزير جي ڪي پي ڪي آپريشنز ۾ 21 ويڙهاڪن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه

اسلام آباد - 06 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي خيبر پختونخوا ۾ ڀارتي حمايت يافته ويڙهاڪن خلاف ڪامياب آپريشن ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪندي چيو آهي، ته 21 ويڙهاڪن جو خاتمو دهشتگردي خلاف جاري ڪوششن ۾ هڪ اهم ڪاميابي آهي. گهرو وزارت مان آچر ڏينهن جاري بيان ۾ وفاقي وزير ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪون ڏيندي علائقي ۾ سرگرم ويڙهاڪ …

اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي خيبر پختونخوا ۾ ڀارتي حمايت يافته ويڙهاڪن خلاف ڪامياب آپريشن ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪندي چيو آهي، ته 21 ويڙهاڪن جو خاتمو دهشتگردي خلاف جاري ڪوششن ۾ هڪ اهم ڪاميابي آهي. گهرو وزارت مان آچر ڏينهن جاري بيان ۾ وفاقي وزير ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪون ڏيندي علائقي ۾ سرگرم ويڙهاڪ گروپن جي منصوبن کي ناڪام بڻائڻ ۾ سندن ڪردار جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته ڪارروائين دوران 21 ويڙهاڪن جو مارجڻ سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابن کي ظاهر ڪري ٿو. محسن نقوي آپريشنز ۾ شامل سيڪيورٽي اهلڪارن جي پيشيواراڻين صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته بهادر سيڪيورٽي فورسز ويڙهاڪن خلاف ڪارروائيون ڪيون ۽ انهن جي سرگرمين کي روڪڻ دوران عزم ۽ آپريشنل تياري جو مظاهرو ڪيو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ويڙهاڪن جي نيٽ ورڪ جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف مهم جاري رهندي ۽ پاڪ فوج ملڪ ۾ امن، سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. محسن نقوي واضح ڪيو ته ڪامياب آپريشن ويڙهاڪن جي خطرن جو مقابلو ڪرڻ ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي ادارن جي جاري ڪوششن کي نمايان ڪري ٿو. هن چيو ته اسان جي بهادر فوج مشڪل حالتن ۾ مسلسل ذميواريون نڀايون آهن ۽ قومي سلامتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. آپريشنز ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪندي گهرو وزير چيو ته ملڪ کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز جي قربانين تي فخر آهي.