اسلام آباد - 06 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي هٿياربدن فوج، شهيدن ۽ اڳوڻن فوجين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته 6 سيپٽمبر ملڪ جي دفاعي تاريخ جو هڪ اهم ڏينهن آهي، جيڪو قوم جي تحفظ لاءِ ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو. گهرو وزارت مان جاري بيان ۾ محسن نقوي چيو ته 6 سيپٽمبر 1965ع پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم …
ڇهه سيپٽمبر ملڪي دفاعي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي، جيڪو قوم جي تحفظ لاءِ ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو: محسن نقوي
اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي هٿياربدن فوج، شهيدن ۽ اڳوڻن فوجين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته 6 سيپٽمبر ملڪ جي دفاعي تاريخ جو هڪ اهم ڏينهن آهي، جيڪو قوم جي تحفظ لاءِ ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو. گهرو وزارت مان جاري بيان ۾ محسن نقوي چيو ته 6 سيپٽمبر 1965ع پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي، جڏهن ملڪ جي هٿياربند فوج عددي لحاظ کان وڏي دشمن قوت جو مقابلو ڪري ڪاميابي سان اڳرائي خلاف وطن جو دفاع ڪيو. هن چيو ته هي ڏينهن هٿياربند فوج ۽ پاڪستان جي عوام جي حوصلي، عزم ۽ جذبي جي نمائندگي ڪري ٿو. وفاقي وزير انهن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن جون قربانيون ايندڙ نسلن کي متاثر ڪن ٿيون. محسن نقوي چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ پاڪستاني قوم اتحاد، عزم ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪهڙي طرح پورو ملڪ پنهنجي هٿياربند فوج جي حمايت ۾ گڏ بيٺل رهيو ۽ وطن جي دفاع ۾ ڪردار ادا ڪيو. گهرو وزير پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت ڪندي پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته انهن جون قربانيون ملڪ جي سلامتي، خودمختياري کي يقيني بڻائين ٿيون ۽ قومي فخر جو سبب آهن. آپريشن بنيان المرصوص جو حوالو ڏيندي محسن نقوي چيو ته ان جي ڪاميابي پاڪستان جي فوجي تاريخ ۾ هڪ ٻي اهم باب جو اضافو ڪيو آهي. هن چيو ته هي آپريشن ملڪ جي هٿياربند فوج جي صلاحيتن، عزم ۽ تياري جي عڪاسي ڪري ٿو.












