اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع ۽ شهداءُ جي موقعي تي 6 سيپٽمبر تي ڏينهن جي شروعات شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ سمورن خطرن خلاف وطن عزيز جي دفاع جي عزم جي ورجاءُ سان ٿي. ڏينهن جي شروعات وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ٿي، فجر جي نماز کان پوءِ …
يوم دفاع ۽ شهداءُ جي شروعات شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ وطن عزيز جي دفاع جي عزم جي ورجاءُ سان ٿي
اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع ۽ شهداءُ جي موقعي تي 6 سيپٽمبر تي ڏينهن جي شروعات شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ سمورن خطرن خلاف وطن عزيز جي دفاع جي عزم جي ورجاءُ سان ٿي. ڏينهن جي شروعات وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ٿي، فجر جي نماز کان پوءِ مسجدن ۾ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي آزادي لاءِ خاص دعائون ڪيون ويون. واضح رهي ته 1965ع ۾ اڄ جي ڏينهن ڀارتي فوج رات جي اونداهي ۾ بين الاقوامي سرحد پار ڪري پاڪستان تي حملو ڪيو پر ملڪ جي بهادر هٿياربند فوج ۽ قوم دشمن جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻايو. قوم دفاع ۽ شهداءُ جي موقعي تي وطن جي محافظن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ خاص پروگرامز نشر ڪيا پيا وڃن جڏهن ته اخبارن ۾ خاص مضمون به شايع ڪيا ويا آهن.












