يوم دفاع جي موقعي تي قوم پنهنجن شهيدن ۽ غازين کي سلام عقيدت پيش ڪري ٿي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته يوم دفاع جي موقعي تي سموري قوم پنهنجن شهيدن ۽ غازين کي سلام عقيدت پيش ڪري ٿي، 6 سيپٽمبر اسان جي قومي تاريخ جو اهو روشن باب آهي جڏهن قوم ۽ پاڪستان جي فوج اتحاد، عزم، جرئت ۽ حب الوطني جو بي مثال مظاهرو ڪندي دشمن جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام …

اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته يوم دفاع جي موقعي تي سموري قوم پنهنجن شهيدن ۽ غازين کي سلام عقيدت پيش ڪري ٿي، 6 سيپٽمبر اسان جي قومي تاريخ جو اهو روشن باب آهي جڏهن قوم ۽ پاڪستان جي فوج اتحاد، عزم، جرئت ۽ حب الوطني جو بي مثال مظاهرو ڪندي دشمن جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻايو. يوم دفاع ۽ شهداءُ جي موقعي تي آچر ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته اسان جي شهيدن جون لازوال قربانيون ملڪي دفاع، سلامتي ۽ خودمختياري جي ضامن آهن، پاڪ فوج جي بهادري، پيشيوراڻي صلاحيت ۽ قربانين تي سڄي قوم کي فخر آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي عهد ڪرڻو پوندو ته اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط کي پنهنجو مقصد بڻائيندي پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط، مستحڪم، خوشحال ۽ اسريل ملڪ بڻائينداسين، مضبوط پاڪستان ئي شهيدن جي قربانين جو بهترين صلو آهي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري ۽ دفاع تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. پوسٽ جي آخر ۾ هن قومي جهنڊي جي تصوير شيئر ڪئي ۽ پاڪستان زنده باد!، پاڪ فوج پائندا باد! به لکيو.