راولپنڊي- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ ايس پي آر يوم دفاع ۽ شهداءُ تي حب الوطني جي جذبي سان ڀرپور قومي نغمو منزل پاڪستان جاري ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر جو نغمو قوم جي فولادي عزم، ثابت قدمي ۽ قومي حوصلي جي عڪاسي ڪري ٿو، نغمي ۾ وطن جي عظيم شهيدن جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو آهي. يوم دفاع جي مناسبت سان جاري آءِ …
يوم دفاع ۽ شهداءُ: آءِ ايس پي آر طرفان حب الوطني جي جذبي سان ڀرپور قومي نغمو منزل پاڪستان جاري
راولپنڊي- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ ايس پي آر يوم دفاع ۽ شهداءُ تي حب الوطني جي جذبي سان ڀرپور قومي نغمو منزل پاڪستان جاري ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر جو نغمو قوم جي فولادي عزم، ثابت قدمي ۽ قومي حوصلي جي عڪاسي ڪري ٿو، نغمي ۾ وطن جي عظيم شهيدن جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو آهي. يوم دفاع جي مناسبت سان جاري آءِ ايس پي آر جي نغمي ۾ هٿياربند فوج جي عوام سان پختي رشتي کي ڀرپور ساراهيو ويو آهي. منزل پاڪستان هر شهري کي پنهنجي عهد تي مضبوط رهڻ ۽ وطن عزيز جي ترقي ۽ استحڪام کي پهرين ترجيع ۽ حتمي نصب العين بڻائڻ جو درس ڏئي ٿو. يوم دفاع ۽ شهداءُ تي جاري نغمو مادر وطن لاءِ محبت، جانثاري ۽ ايثار جي جذبي جو پيغام ڏئي ٿو.












