اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 64 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 64 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺاهون وهڪرو 30 هزار 800 ڪيوسڪ، خيرآباد …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري
اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 64 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 64 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺاهون وهڪرو 30 هزار 800 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 8 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 8 هزار 200 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 20 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 52 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 26 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.580 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1222.05 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.733 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.50 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.












