اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي شهيدن ۽ غازين کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي جرئت، پيشيوراڻي صلاحيت ۽ عزم پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهي. پي ايم واءِ پي مان آچر ڏينهن جاري خاص پيغام ۾ راڻا مشهود احمد خان …
راڻا مشهود احمد خان پاران يوم دفاع پاڪستان تي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش
اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي شهيدن ۽ غازين کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي جرئت، پيشيوراڻي صلاحيت ۽ عزم پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهي. پي ايم واءِ پي مان آچر ڏينهن جاري خاص پيغام ۾ راڻا مشهود احمد خان چيو ته 6 سيپٽمبر پاڪستان جي تاريخ جو فخر جوڳو باب ۽ قومي اتحاد، جرئت ۽ عزم جي روشن علامت آهي. هن چيو ته وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جون قربانيون قوم ڪڏهن به فراموش نه ڪندي، سندن بهادري، حب الوطني ۽ فرض شناسي ايندڙ نسلن لاءِ هميشه مشعل راهه رهندي. هن چيو ته شهيدن جا خاندان پوري قوم جي عزت ۽ احترام جا مستحق آهن. هن حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان جي هٿاربند فوج جي جرئت، پيشيوراڻي مهارت ۽ عزم کي تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ تعليم يافته، هنر مند، با اعتماد ۽ با اختيار نوجوان نسل اڻٽر آهي. هن چيو ته شهيدن لاءِ بهترين خراج عقيدت مضبوط، پر امن، متحد ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير آهي. پيغام جي آخر ۾ هن پاڪستان جي امن، سلامتي ۽ خوشحالي، هٿياربند فوج جي جوانن جي حفاظت ۽ شهيدن جي خاندانن لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا پڻ ڪئي.












