اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع ۽ شهداءَ جي موقعي تي پاڪ افغان بارڊر تي مقرر پاڪ فوج جي بهادر سپوتن قوم جي نالي اهم پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي دفاع جو عزم کڻي پاڪ فوج جا بهادر پُٽ دشمن آڏو شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل آهن. يوم دفاع جي موقعي تي ليفٽيننٽ ڪرنل بلال چيو ته 6 سيپٽمبر ملڪي دفاع لاءِ شهيدن ۽ …
پاڪ افغان بارڊر تي مقرر پاڪ فوج جي بهادر سپوتن جو يوم دفاع جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام جاري
اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع ۽ شهداءَ جي موقعي تي پاڪ افغان بارڊر تي مقرر پاڪ فوج جي بهادر سپوتن قوم جي نالي اهم پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي دفاع جو عزم کڻي پاڪ فوج جا بهادر پُٽ دشمن آڏو شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل آهن. يوم دفاع جي موقعي تي ليفٽيننٽ ڪرنل بلال چيو ته 6 سيپٽمبر ملڪي دفاع لاءِ شهيدن ۽ غازين جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ڪيپٽن سبحان سرحد تي ڊيوٽي کي فخر جو سبب ۽ ورديءَ کي قوم جي اُميدن ۽ اعتماد جي ذميواري قرار ڏنو. ميجر عثمان چيو ته 6 سيپٽمبر ڪو عام ڏينهن نه پر حب الوطني جي جذبي، قومي سلامتي ۽ خودمختياري جو ڏينهن آهي. ان موقعي تي پاڪ فوج جي بهادر جوانن رت جي آخري ڦُڙي تائين ورديءَ جو حق ادا ڪرڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو.












