اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان يوم دفاع جي حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر پاڪستان جي تاريخ جو روشن باب آهي جڏهن قوم ۽ فوج بي مثال عزم جو مظاهرو ڪيو. وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي وفاقي وزير چيو ته يوم دفاع اسان …
ڇهه سيپٽمبر تاريخ جو روشن باب آهي جڏهن قوم ۽ فوج بي مثال عزم جو مظاهرو ڪيو: عبدالعليم خان

مزید خبریں
اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان يوم دفاع جي حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر پاڪستان جي تاريخ جو روشن باب آهي جڏهن قوم ۽ فوج بي مثال عزم جو مظاهرو ڪيو. وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي وفاقي وزير چيو ته يوم دفاع اسان کي اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط سان اڳيان وڌڻ جو سبق ڏئي ٿو. عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان جي سلامتي، خود مختياري ۽ دفاع تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان اسان جي شهيدن جي قربانين جو بهترين صِلو آهي. اڄ جي ڏينهن اسان عهد ڪيون ٿا ته وطن عزيز جي ترقي، استحڪام ۽ سلامتي لاءِ ڪردار ادا ڪندا سين. هن چيو ته پاڪ فوج جي بهادري، جرئت ۽ قربانين تي پوري قوم کي فخر آهي.











