شهيدن، غازين ۽ بهادر فوج کي خراج عقيدت جن ملڪي خودمختياري، سلامتي ۽ آزادي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪيو: ڄام ڪمال خان

اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان شهيدن، غازين ۽ بهادر فوج کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيدن مادر وطن جي خودمختياري، سلامتي ۽ آزادي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. وزارت مان جاري خاص پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي عظيم قربانين کي هميشه ياد رکندي. هن چيو ته 6 سيپٽمبر اسان کي قومي …

اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان شهيدن، غازين ۽ بهادر فوج کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيدن مادر وطن جي خودمختياري، سلامتي ۽ آزادي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. وزارت مان جاري خاص پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي عظيم قربانين کي هميشه ياد رکندي. هن چيو ته 6 سيپٽمبر اسان کي قومي اتحاد، ايمان، نظم و ضبط ۽ عزم جي ياد ڏياري ٿو، متحد قوم جي عزم کي ڪو به چئلينج يا ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي هٿيابند فوج هميشه جرئت ۽ پيشيوراڻي مهارت سان وطن جو دفاع ڪيو. پوري قوم پنهنجي شهيدن، غازين ۽ هٿاربند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. ڄام ڪمان چيو ته ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري جو تحفظ اسان جي گڏيل قومي ذميواري آهي، اڄ جي ڏينهن اسان مضبوط، پر امن ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي عهد جي تجديد ڪيون ٿا.