اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد هٿياربند فوج جي شهيدن، غازين ۽ انهن جي گهرڀاتين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته يوم دفاع آزادي، خودمختياري ۽ قومي اسلامتي لاءِ ڏنل عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو. بي آءِ ايس پي طرفان يوم دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ سينيٽر روبينه خالد …
يوم دفاع آزادي، خودمختياري ۽ قومي سلامتي لاءِ ڏنل عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو: سينيٽر روبينه خالد

مزید خبریں
اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد هٿياربند فوج جي شهيدن، غازين ۽ انهن جي گهرڀاتين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته يوم دفاع آزادي، خودمختياري ۽ قومي اسلامتي لاءِ ڏنل عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو. بي آءِ ايس پي طرفان يوم دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ سينيٽر روبينه خالد چيو ته 1965ع ۾ قوم جي سپوتن بي مثال بهادري ۽ فرض شناسي سان دشمن جي ناپاڪ ادارن کي ناڪام بڻايو، 6 سيپٽمبر جو جذبو هڪ ڀيرو ٻيهر آپريشن بنيان مرصوص جي شاندار ڪاميابي ۾ نمايان ٿيو. هن چيو ته معرڪه حق جي فتح قومي تاريخ ۾ هڪ ٻيو سنهري باب آهي، اهو پاڪ فوج جي پيشيواراڻي مهارت، عزم، حوصلي ۽ بهادري جو ثبوت آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته مضبوط دفاع سان معاشي استحڪام ۽ ترقي پاڪستان جي طاقت جو بنيادي اساس آهن، روشن، محفوظ ۽ ترقي يافته پاڪستان جي تعمير نوجوان نسل سميت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. سينيٽر روبينه خالد ملڪي دفاع جي عزم جي تجديد ڪندي پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا به ڪئي.











