نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 05 سيپٽمبر (اي پي پي)  نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڇنڇر ڏينهن بجلي جي شعبي ۾ تجويز ڪيل سڌارن جو جائزو وٺڻ لاءِ وزيراعظم طرفان جوڙيل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ نجڪاري جي ايجنڊا تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ اهم ادارن کي مضبوط …

اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي)  نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڇنڇر ڏينهن بجلي جي شعبي ۾ تجويز ڪيل سڌارن جو جائزو وٺڻ لاءِ وزيراعظم طرفان جوڙيل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ نجڪاري جي ايجنڊا تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ اهم ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ انهن جي صلاحيت ۾ واڌ پڻ شامل آهي. نائب وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته ايندڙ لائحه عمل صارفين کي سامهون رکندي ترتيب ڏنو وڃي ته جيئن جاري سڌارن ۽ نجڪاري جي نتيجي ۾ بجلي جي صارفين لاءِ وڌيڪ ڪارڪردگي، پائيداري ۽ بهتر سهولتون يقيني بڻائي سگهجن. اسحاق ڊار سڌارا جاتي عمل کي واضح نتيجن، اداره جاتي موثريت ۽ بجلي جي شعبي م ڊگهي مدي جي پائيداري تي ڀرپور توجهه سان اڳتي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو.