روانگي واپار ڪندڙن لاءِ سامونڊي آسان خدمت مرڪز قائم ڪيو ويندو: سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير

اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير محمد انوار چوڌري روانگي واپار ڪندڙن کي بندرگاهه بابت سموريون خدمتون هڪ ئي ڇت هيٺ فراهم ڪرڻ لاءِ سامونڊي آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. هن اها تجويز بندرگاهن بابت مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺن لاءِ منعقداجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. سامونڊي معاملن واري وزارت پاران ڇنڇر تي جاري پڌرائي مطابق ان موقعي …

اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير محمد انوار چوڌري روانگي واپار ڪندڙن کي بندرگاهه بابت سموريون خدمتون هڪ ئي ڇت هيٺ فراهم ڪرڻ لاءِ سامونڊي آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. هن اها تجويز بندرگاهن بابت مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺن لاءِ منعقداجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. سامونڊي معاملن واري وزارت پاران ڇنڇر تي جاري پڌرائي مطابق ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته تجويز ڪيل مرڪز ۾ لاڳاپيل ادارن جا نمائندا هڪ ئي هنڌ موجود هوندا، جتي ڪاروباري ماڻهن کي مختلف آفيسن جا چڪر لڳائڻ کان سواءِ بندرگاهن بابت مختلف خدمتون دستياب هونديون. هن ٻڌايو ته هر لاڳاپيل ادارو ڪاروباري ماڻهن جي مدد لاءِ هڪ فوڪل پرسن مقرر ڪندو، جڏهن ته مرڪزي آفيس سان لاڳاپيل مربوط نظام ذريعي درخواستن ۽ ڪيسز تي ڪارروائي سان گڏو گڏ انهن تي اڳڀرائي به مانيٽر ڪري سگهجي ٿي. محمد جنيد انوار چوڌري مطابق ان قدم سان ٽرڪنگ، ڪنٽينرز، اسٽوريج، ڊيمريج، جهازن جي دير ۽ انتظامي معاملن بابت خرچن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، جنهن سان ڪاروباري ادارن، آمدني واپار ڪندڙن ۽ بندرگاهي خدمتون استعمال ڪندڙ ڪاروباري ماڻهن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته طريقيڪار کي هڪ جهڙو بڻائڻ کان فيسن جي وصولي بهتر بڻائڻ ۽ مالي بي ضابطگين ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ به مدد ملندي، جڏهن ته واپاري ڳاڻيٽي ۾ اضافي سان بندرگاهي خدمتن، ڪارگو هينڊلنگ، ڪسٽمز بابت سرگرمين ۽ لاجسٽڪس ذريعي اضافي آمدني حاصل ڪري سگهجي ٿي. وفاقي وزير چيو ته تجويز ڪيل خدمتن جو مقصد سامونڊي شعبي بابت ادارن وچ رابطو بهتر بڻائڻ، طريقيڪار جون رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ بين الاقوامي واپار سان لاڳاپيل ڪاروباري ماڻهن لاءِ بندرگاهي خدمتن تائين پهچ آسان بڻائڻ آهي.