184 هون آءِ بي سي سي فورم پڄاڻيءَ تي پهتو، سڄي ملڪ جي امتحاني نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا

اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن ( آءِ بي سي سي) جو ٻن ڏينهن وارو 184 هون اجلاس مريءَ ۾ پڄاڻي تي پهتو، جنهن ۾ پاڪستان جي امتحاني نظام کي رٽا سستم کان تصوراتي ۽ فهم تي ٻڌل جاچ طرف منتقل ڪرڻ، شافيت ۽ هڪجهڙائپ کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستاني تعليمي سَندن جي عالمي سڃاڻپ وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. فوم …

اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن ( آءِ بي سي سي) جو ٻن ڏينهن وارو 184 هون اجلاس مريءَ ۾ پڄاڻي تي پهتو، جنهن ۾ پاڪستان جي امتحاني نظام کي رٽا سستم کان تصوراتي ۽ فهم تي ٻڌل جاچ طرف منتقل ڪرڻ، شافيت ۽ هڪجهڙائپ کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستاني تعليمي سَندن جي عالمي سڃاڻپ وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. فوم ۾ سڄي ملڪ جي ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊز جي چيئرپرسنز، ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن بورڊز، نصاب ۽ ٽيڪسٽ بڪ بورڊز جي سينئر نمائندن شرڪتن ڪئي. شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي آءِ بي سي سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر عنايت الله وسيم امتحاني سڌارن ۾ سمورن بورڊز جي فعال شرڪت ۽ گڏيل ذميواري جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته آءِ بي سي سي فورم سڄي ملڪ جي تعليمي بورڊز کي هڪ اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو جتي هو هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ، ڪامياب قدمن جي مٽا سٽا ۽ امتحاني نظام کي درپيش گڏيل چئلينجز جي حل لاءِ اثرائتي حڪمت عملي جوڙي سگهن. هن چيو ته بورڊز وچ ۾ مضبوط رابطا، گڏيل سڌارن تي اثرائتو عملدرآمد سڄي ملڪ ۾ منصفاڻي، معياري ۽ اعتماد جوڳي امتحاني نظام لاءِ اڻٽر آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي سڄي ملڪ جي امتحاني نظام کي معياري ۽ هڪ جهڙو بڻائڻ بابت هدايتن تي عملدرآمد کي خاص اهميت ڏني وئي. فورم ان سلسلي ۾ اسيسمنٽ ۽ امتحاني طريقيڪار ۾ وڌيڪ هڪجهڙائپ آڻڻ جي قدمن جي منظوري ڏني، جيڪي پاڪستاني تعليمي سَندن جي ساک ۽ عالمي سڃاڻپ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندا.

فورم کي آگاهه ڪيو ويو ته سنڌ جي تعليمي بورڊز، فيڊرل بورڊ، ميرپور آزاد ڪشمير بورڊ، قراقرم بورڊ، آغا خان بورڊ ۽ ضياءُ الدين بورڊ نئين گريڊنگ پاليسي تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت گهٽ ۾ گهٽ پاسنگ مارڪس 40 سيڪڙو ڪيون ويون آهن. نظرثاني ٿيل گريڊنگ فارمولي جي اثرائتي لاڳو ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ آگاهي سيشنز ۽ ورڪشاپس منعقد ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. شاگردن جي تعليمي رڪارڊ کي وڌيڪ شفاف، پهچ جوڳو ۽ تصديق جوڳو بڻائڻ لاءِ فورم ايس ايس سي ۽ ايڇ ايس ايس سي سرٽيفيڪيٽس تي بي فارم يا قومي شناختي ڪارڊ نمبر شامل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ هڪ ٻئي اهم قدم طور فورم فيصلو ڪيو ته آءِ بي سي سي بورڊز جي پوزيشن هولڊرز لاءِ اسڪالرشپس ۽ پرڏيهه ۾ تعليمي ۽ مطالعتي موقعا فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن لاءِ ونٽر ۽ سمر ڪيمپس به منعقد ڪيا ويندا ته جيئن کين تعليمي سرگرمين سان گڏوگڏ قيادت، تربيت ۽ وسيع تجربن جا موقعا ملي سگهن. فورم وڌيڪ 12 ديني مدرسن جي سَندن کي ايس ايس سي ۽ ايڇ ايس ايس سي جي برابر قرار ڏيڻ جي سفارش ڪئي، جنهن کان پوءِ ان فريم ورڪ تحت مدرسن جو مجموعي انگ 26 ٿي ويو آهي. غير ملڪي امتحاني بورڊز جي شاگردن جي سهولت لاءِ به اهم فيصلو ڪيو ويو، جنهن مطابق شاگرد جن گهٽ ۾ گهٽ ٻه سائنس مضمون پاس ڪيا هجن، انهن کي سائنس گروپ جي برابري ڏني ويندي. ان قدم سان شاگردن کي پنهنجي آئنده تعليمي راهن جي چونڊ ۾ وڌيڪ سهولت ملندي. فورم سڄي ملڪ ۾ ٿيوري ۽ پريڪٽيڪل امتحانن لاءِ هڪجهڙو ڪلينڊر تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ پريڪٽيڪل امتحانن لاءِ گڏيل گائيڊ لائنز ۽ طريقيڪار واضح ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو ته جيئن سمورن امتحاني بورڊز ۾ هڪجهڙائپ، شفافيت ۽ انصاف کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. اجلاس دوران بي آءِ ايس اي ڪوهاٽ، بي آءِ ايس اي ڪوئيٽا ۽ ايف بي آءِ ايس اي پنهنجي بهترين طريقيڪار، جديد قدمن ۽ ان جا نتيجا پيش ڪيا، ته جيئن ڪامياب ماڊلز سان ٻيا تعليمي بورڊ به فائدو کڻي سگهن.

امتحاني سڌارن تي پنهجي خيالن جو اظهار ڪندي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر آءِ بي سي سي ڊاڪٽر غلام علي ملاح پنجاب حڪومت طرفان امتحاني بورڊز ۾ ميرٽ جي بنياد تي چيئرپرسنز جي مقرري کي ساراهيو. هن چيو ته اهل ۽ پيشيور قيادت جي شموليت سان آءِ بي سي سي فورم جي سگهه ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ امتحاني نظام کي رٽا سسٽم کان تصوراتي ۽ فهم تي ٻڌل اسيسمنٽ طرف منتقل ڪرڻ جي قومي ڪوششن کي تقويت ملي رهي آهي. هن سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي تعليمي بورڊز جي چيئرپرسنز طرفان اي مارڪنگ جي لاڳو ڪرڻ کي ساراهيندي ان کي امتحاني نظام ۾ شفافيت، ڪارڪردگي ۽ ساک بهتر بنائڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. هن چيو ته آءِ بي سي سي فورم ذريعي ڪيل سڌارن جو مقصد اهڙو امتحاني نظام جوڙڻ آهي جيڪو يادداشت بجاءِ فهم ۽ تصوراتي صلاحيت کاي جانچڻ، حقيقي تعليمي قابليت جي حوصلا افزائي ڪري، جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي ۽ پاڪستاني تعليمي سَندن جي ملڪي ۽ عالمي ساک کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي. فورم سڄي ملڪ جي امتحاني، ٽيڪنيڪل، نصابي ۽ ٽيڪسٽ بڪ بورڊز وچ ۾ رابطي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ پاڪستان ۾ شفاف، ٽيڪنالاجي تي ٻڌل، شاگرد دوست ۽ عالمي معيار سان هم آهنگ امتحاني ۽ اسيسمنٽ نظام جي قيام جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس جي ڪارروائي آءِ بي سي سي جي سيڪريٽري محمد عثمان خان هلائي.