سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 3600 رپيا في تولو گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 3600 رپيا في تولو گهٽتائي آئي آهي. آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسو سي ايشن موجب ڇنڇر تي مقامي مارڪيٽ ۾ 24 قيراط في تولو سون جو اگهه 3600 جي گهٽتائي کان پوءِ 4 لک 536 رپيا ٿي ويو، اهڙي ريت 24 قيراط 10 گرام سون جو اگهه 3086 روپيا جي گهٽتائي سان 3 لک …

اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 3600 رپيا في تولو گهٽتائي آئي آهي. آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسو سي ايشن موجب ڇنڇر تي مقامي مارڪيٽ ۾ 24 قيراط في تولو سون جو اگهه 3600 جي گهٽتائي کان پوءِ 4 لک 536 رپيا ٿي ويو، اهڙي ريت 24 قيراط 10 گرام سون جو اگهه 3086 روپيا جي گهٽتائي سان 3 لک 99 هزار 122 رپيا جڏهن ته 22 قيراط 10 گرام سون جو اگهه 2829 رپين جي گهٽتائي سان 3 لک 65 هزار 875 رپيا ٿي ويو. ايسو سي ايشن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ 36 ڊالر جي گهٽتائي ٿي آهي جنهن کان پوءِ في اونس سون جو اگهه 4430 ڊالر ٿي ويو آهي.