اي اين ايف جو منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون، هڪ ڪروڙ 52 لک رپين جي منشيات هٿ، 10 جوابدار گرفتار

راولپنڊي- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات جي اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکيو آهي. 6 مختلف ڪارروائين دوران 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري هڪ ڪروڙ 52 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي 188.2 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب ملت روڊ فيصل آباد ويجهو رڪشي ۽ گاڏي مان 126 ڪلو چرس هٿ آيو، جڏهن …

راولپنڊي- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات جي اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکيو آهي. 6 مختلف ڪارروائين دوران 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري هڪ ڪروڙ 52 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي 188.2 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب ملت روڊ فيصل آباد ويجهو رڪشي ۽ گاڏي مان 126 ڪلو چرس هٿ آيو، جڏهن ته ٻه جوابدار گرفتار ڪيا ويا. سکر اسپتال ويجهو گاڏي مان 30 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو ۽ ٻه جوابدار گرفتار ڪيا ويا. اهڙي ريت سنگجاني ٽول پلازه ويجهو گاڏي مان 10. 8 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو ۽ ٻن جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ آئي. چارسده روڊ پشاور ويجهوگاڏي مان 6 ڪلو آئيس هٿ آئي ۽ هڪ جوابدار گرفتار ڪيو ويو. ٻئي پاسي برڪي روڊ لاهور ويجهو ٻن جوابدارن وٽان منشيات ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا. اي اين ايف ترجمان موجب جوابدارن خلاف منشيات جي روڪٿام واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.