نائيجيريا ۾ پئٽرول چوري ڪرڻ دوران زهريلي گيس ڦهلجڻ سبب 37 ڄڻا فوت

ابوجا- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) نائيجيريا جي تيل پيدا ڪندڙ رياست ريورز ۾ پائيپ لائين مان مبينا طور تي پئٽرول چوري ڪرڻ جي ڪوشش دوران زهريلي گيس ڦهلجڻ سبب 37 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ماحولياتي تنظيم يوٿ اينڊ انوائرنمينٽل ايڊووڪيسي سينٽر مطابق ڪيترائي ماڻهو اڃان به گُم آهن. تنظيم جو چوڻ آهي ته 100 کان وڌيڪ ماڻهو رات جي اونداهيءَ ۾ ننڍين ٻيڙين ذريعي اوڪريڪا جي …

ابوجا- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) نائيجيريا جي تيل پيدا ڪندڙ رياست ريورز ۾ پائيپ لائين مان مبينا طور تي پئٽرول چوري ڪرڻ جي ڪوشش دوران زهريلي گيس ڦهلجڻ سبب 37 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ماحولياتي تنظيم يوٿ اينڊ انوائرنمينٽل ايڊووڪيسي سينٽر مطابق ڪيترائي ماڻهو اڃان به گُم آهن. تنظيم جو چوڻ آهي ته 100 کان وڌيڪ ماڻهو رات جي اونداهيءَ ۾ ننڍين ٻيڙين ذريعي اوڪريڪا جي علائقي اوڪاري جيٽي پهتا هئا، جتي هو پائيپ لائن مان نڪرندڙ ريفائن ٿيل پئٽرول چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ جاري آهي. اطلاعن مطابق ڪيترائي ماڻهو ساهه ۾ زهريلو دونهون ڀرجڻ سبب فوت ٿيا. مقامي ذريعن مطابق ڪجهه ماڻهن بوني درياهه ۾ ٽِپو ڏنو، جڏهن ته ٻين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.