چين ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 11 گُم

بيجنگ- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي اوڀر صوبي چيانگ شي ۾ مٽيءَ جو ڇپون ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 11 گُم ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي عملدارن ٻڌايو ته ڇنڇر جي صبح 4 وڳي چين جي اوڀر صوبي جيانگ شي جي شهر جيان ۾ واقع سوئي چوان ڪائونٽي جي هڪ ڳوٺ ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 11 ڄڻا گُم ٿي …

بيجنگ- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي اوڀر صوبي چيانگ شي ۾ مٽيءَ جو ڇپون ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 11 گُم ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي عملدارن ٻڌايو ته ڇنڇر جي صبح 4 وڳي چين جي اوڀر صوبي جيانگ شي جي شهر جيان ۾ واقع سوئي چوان ڪائونٽي جي هڪ ڳوٺ ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 11 ڄڻا گُم ٿي ويا آهن. ڪائونٽي جي ٻوڏ کان بچاءَ ۽ سوڪهڙي کي منهن ڏيندڙ هيڊڪوارٽر مطابق اها آفت ساڊيل طوفان سبب ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري تيز برساتن جي نتيجي ۾ آئي. ٽن ڄڻن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي، جن مان ٻن جي حالت بهتر آهي، جڏهن ته هڪ شخص جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. گُم ٿيل ماڻهن جي ڳولها ۽ امدادي ڪارروائيون جاري آهن. متاثر رهائشين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۽ وڌيڪ امڪاني آفتن جي روڪٿام لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن.