ڪوالالمپور- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) ملائيشيا، سراواڪ رياست جي ضلعي سريان ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته پاڙيسري ملڪ انڊونيشيا ۾ لڳندڙ باهه سبب اٿندڙ دونهون ۽ فضائي گدلاڻ خطرناڪ حد تائين وڌيڪ وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عملدارن ٻڌايو ته سريان ۾ ايئر پوليٽنٽ انڊيڪس 519 تائين پهچي ويو، جيڪو 500 جي انتهائي خطرناڪ حد کان به وڌي ويو آهي. ان صورتحال کي …
فضائي گدلاڻ سبب ملائيشيا جو سراواڪ ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ جو اعلان، 647 اسڪول بند
ڪوالالمپور- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) ملائيشيا، سراواڪ رياست جي ضلعي سريان ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته پاڙيسري ملڪ انڊونيشيا ۾ لڳندڙ باهه سبب اٿندڙ دونهون ۽ فضائي گدلاڻ خطرناڪ حد تائين وڌيڪ وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عملدارن ٻڌايو ته سريان ۾ ايئر پوليٽنٽ انڊيڪس 519 تائين پهچي ويو، جيڪو 500 جي انتهائي خطرناڪ حد کان به وڌي ويو آهي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو ۽ 647 اسڪولن کي سومر کان ايندڙ هفتي جي پڄاڻي تائين يا وڌيڪ اطلاع تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو عوام جي صحت جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سراواڪ ڊزاسٽر مئنيجمنٽ ڪميٽي جي درخواست تي ڪيو ويو آهي.












