واشنگٽن ڊي سي ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ يوم دفاع ۽ شهداءُ جي حوالي سان پروقار منعقد

واشنگٽن- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) واشنگٽن ڊي سي ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ يوم دفاع ۽ شهداءُ جي حوالي سان پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ سفارتڪار، مختلف ملڪن جا سول ۽ ملٽري اتاشي ۽ اعليٰ آمريڪي اختياريون شريڪ ٿيون. ان موقعي تي ملڪي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ جان جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين يوم دفاع ۽ شهداءُ …

واشنگٽن- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) واشنگٽن ڊي سي ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ يوم دفاع ۽ شهداءُ جي حوالي سان پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ سفارتڪار، مختلف ملڪن جا سول ۽ ملٽري اتاشي ۽ اعليٰ آمريڪي اختياريون شريڪ ٿيون. ان موقعي تي ملڪي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ جان جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين يوم دفاع ۽ شهداءُ جي تقريب ۾ شرڪت ڪري ڀرپور يڪجهتي ۽ وطن سان محبت جو اظهار ڪيو. آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ ملڪي خودمختياري جي دفاع لاءِ پاڪستاني قوم جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان جي دفاعي اتاشي ملڪي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ هٿياربند فوج پاران پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. واشنگٽن ڊي سي ۾ تقريب دوران پاڪستاني ڪميونٽي ملڪي ترقي، بقا ۽ حفاظت لاءِ پنهنجي عهد کي به ورجايو.