لاڙڪاڻو- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مقابلي دوران ھڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھٿيار ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. تفصيل مطابق وليد ٿاڻي جي حد دودائي مائينر واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس اهلڪارن، ڏوھارين جي ناپاڪ مقصدن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. مقابلي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ ڏوھاري جي زخمي حالت ۾ ھڪ عدد پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو. پوليس ترجمان موجب …
لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا مقابلي بعد هڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھٿيار ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ
لاڙڪاڻو- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مقابلي دوران ھڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ھٿيار ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. تفصيل مطابق وليد ٿاڻي جي حد دودائي مائينر واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس اهلڪارن، ڏوھارين جي ناپاڪ مقصدن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. مقابلي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ ڏوھاري جي زخمي حالت ۾ ھڪ عدد پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو. پوليس ترجمان موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوھاري جي سڃاڻپ عبدالرحيم چانڊيو جي نالي سان ٿي آھي. شروعاتي جاچ ۽ حاصل ڪيل معلومات موجب ڄاڻايل ڏوھاري لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ سنگين قسم جي ڏوھن، ڌاڙن ۽ ڪيترن ئي ڪيسن ملوث آهي. فرار ٿي ويل ڏوھارين جي گرفتارين لاءِ پوليس طرفان سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.











