اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي خلاف اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز جون شاندار ڪاميابيون سڄي قوم لاءِ فخر جوڳيون آهن. جمعي ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مستونگ، ڪوئيٽا، قلات ۽ سبي ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون موثر ڪارروايون ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته ملڪ دشمن ڌرين خلاف رياست …
دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جون شاندار ڪاميابيون پوري قوم لاءِ فخر جوڳيون آهن: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري
اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي خلاف اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز جون شاندار ڪاميابيون سڄي قوم لاءِ فخر جوڳيون آهن. جمعي ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مستونگ، ڪوئيٽا، قلات ۽ سبي ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون موثر ڪارروايون ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته ملڪ دشمن ڌرين خلاف رياست جو عزم پختو آهي، بلوچستان ۾ ڀارتي پراڪسيز فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي درجنين دهشتگردن جو خاتمو سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت، بهادري ۽ لازوال قربانين جو اظهار آهي. هن چيو ته مان پنهنجي بهادر جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن وطن جي امن، سلامتي ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. هن وطن جي شهيدن جي وارثن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستان دشمن قوتون ڄاڻي وٺن ته قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان وک وک تي گڏ آهي، عزم استحڪام تحت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي.












