ڪراچي-04 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي گورنر هائوس سنڌ ۾ ٻوٽو پوکي مياواڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي لوڪل گورنمينٽ رپورٽرز ايسوسيئيشن جو صدر سليمان سعادت خان سميت ٻين عهديدارن، ڪميونٽي پوليسنگ ڪراچي (CPK) جو چيف مراد سوني ۽ سنڌ جي گورنر جو پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد سيف الرحمان پڻ موجود هئا. سيد محمد نهال هاشمي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته …
سنڌ جي گورنر پاران گورنر هائوس سنڌ ۾ ٻوٽو پوکي مياواڪي فاريسٽ جو افتتاح
ڪراچي-04 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي گورنر هائوس سنڌ ۾ ٻوٽو پوکي مياواڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي لوڪل گورنمينٽ رپورٽرز ايسوسيئيشن جو صدر سليمان سعادت خان سميت ٻين عهديدارن، ڪميونٽي پوليسنگ ڪراچي (CPK) جو چيف مراد سوني ۽ سنڌ جي گورنر جو پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد سيف الرحمان پڻ موجود هئا. سيد محمد نهال هاشمي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موسمياتي تبديلي جا اثر ڪاروبار، زمين، فصلن ۽ انساني صحت تي نمايان اثرانداز ٿي سگهن ٿا، ان ڪري عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي بابت جاري وارننگن کي سنجيدگي سان وٺڻو پوندو.هن چيو ته پاڪستان بنيادي طور تي هڪ زرعي ملڪ آهي،تنهنڪري زراعت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وڻڪاري رڳو ماحول دوست قدم نه، پر اسان جي دين ۾ پڻ ان عمل جي خاص ترغيب ڏني وئي آهي. نبي ڪريم ﷺ وڻڪاري جي ترغيب ڏني ۽ وڻ پوکڻ جي فائدن کان آگاهه فرمايو.












