وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشنز تي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گذريل 24 ڪلاڪن دوران مستونگ، ڪوئيٽا، قلات ۽ سبيءَ ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ۽ 36 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي پاڪ …

اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گذريل 24 ڪلاڪن دوران مستونگ، ڪوئيٽا، قلات ۽ سبيءَ ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ۽ 36 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي پاڪ فوج جي پيشيواراڻي عزم کي ساراهيو. هن چيو ته فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي ڪڌي ارادن کي خاڪ ۾ ملائيندڙ سيڪيورٽي فورسز پوري قوم جو فخر آهن، سال 2026ع دوران هيستائين بلوچستان ۾ 1188 کان وڌيڪ دهشتگردن جو خاتمو رياست جي اڻٿڪ عزم ۽ سيڪيورٽي فورسز جي برتري جو واضح ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته ويزن “عزمِ استحڪام” تحت ملڪ دشمن عنصرن جي خلاف  آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو، پاڪستان جي امن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو.