اسلام آباد - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مستونگ، ڪوئيٽا، قلات ۽ سبي ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج سان واڳيل دهشتگردن جي …
صدر آصف علي زرداري پاران بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مستونگ، ڪوئيٽا، قلات ۽ سبي ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج سان واڳيل دهشتگردن جي خلاف موثر ڪاررواين کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته رڳو هن سال بلوچستان ۾ 1188 کان وڌيڪ دهشتگردن جو مارجڻ پاڪستان کي درپيش خطرن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي صلاحيت جو دليل آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ مان غيرملڪي سرپرستي ۽ مدد سان ٿيندڙ دهشتگردي جي خاتمي جو پختو عزم آهي.












