اسلام آباد - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني بلوچستان ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر چيو ته بلوچستان صوبي ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن کي مارڻ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي آهي، دهشتگردي جو ڪو مذهب، قوميت يا نسل نه آهي، …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران بلوچستان ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني بلوچستان ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر چيو ته بلوچستان صوبي ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن کي مارڻ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي آهي، دهشتگردي جو ڪو مذهب، قوميت يا نسل نه آهي، دهشتگرد انسانيت ۽ امن جا دشمن آهن، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جرئت ۽ پيشيواراڻي صلاحيتون ساراهه جوڳيون آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ متحد ٿي بيٺل آهي، ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪڌي سازش ناڪام بڻائينداسين، پاڪستان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندو.












