راولپنڊي-04 سيپٽمبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز جون گذريل 24 ڪلاڪن دوران بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ڀارتي پراڪسيز فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 36 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. 2026ع ۾ بلوچستان ۾ آپريشنز دوران 1188 کان وڌيڪ دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. جمعي ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب پاڪ فوج جون بلوچستان …
سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ ڪارروايون، فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جا 36 دهشتگرد مارجي ويا
راولپنڊي-04 سيپٽمبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز جون گذريل 24 ڪلاڪن دوران بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ڀارتي پراڪسيز فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 36 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. 2026ع ۾ بلوچستان ۾ آپريشنز دوران 1188 کان وڌيڪ دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. جمعي ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب پاڪ فوج جون بلوچستان ۾ فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف موثر ۽ ڀرپور ڪارروايون جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز گذريل 24 ڪلاڪن دوران بلوچستان جي ضلعن مستونگ، ڪوئيٽا، قلات ۽ سبي ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪيتريون ئي ڪارروايون ڪيون، انهن ڀرپور ڪاررواين ۾ ڀارتي پراڪسيز فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 36 دهشتگرد ماريا ويا. 4 سيپٽمبر تي مستونگ ۾ آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ڀرپور ڪارروائي ڪندي 6 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو، دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ آيو، جن کي موقعي تي ئي تباهه ڪيو ويو ۽ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪوئيٽا جي علائقي شعبان ۾ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ فتنه الخوارج جي چئن ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻائيندي 26 خوارجي دهشتگردن کي ماريو ويو، قلات ۾ ڪيل آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڇاپا هنيا ۽ ٻن ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو، سبي ضلعي جي علائقي ڀاڳ ۾ سيڪيورٽي فورسز ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي ٻن ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو، گذريل 48 کان 72 ڪلاڪن ۾ بلوچستان ۾ ڀارتي پراڪسيز فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 48 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو. 2026ع ۾ آپريشن دوران 1188 کان وڌيڪ دهشتگردن کي بلوچستان ۾ جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان عزم استحڪام ويزن تحت دهشتگردي جي خاتمي جا آپريشنز آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندا.












