صحت واري وفاقي وزير پاران پمز جي ڪارڊيڪ سينٽر جو دورو، طبي سهولتن جو جائزو ورتو

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جمعي ڏينهن پمز جي ڪارڊيڪ سينٽر جو دورو ڪيو. ڪارڊيڪ سينٽر ۾ مريضن کي فراهم ٿيندڙ طبي سهولتن جو جائزو ورتو ۽ مريضن ۽ سندن وارثن سان ملاقات ڪئي. مصطفيٰ ڪمال مريضن کي درپيش مشڪلاتن، علاج جي سهولت ۽ دوائن جي دستيابي جي حوالي سان سوال ڪيا. وفاقي وزير پمز ۾ اليڪٽرو فزيولاجي ڪيٿ ليب جو به دورو …

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جمعي ڏينهن پمز جي ڪارڊيڪ سينٽر جو دورو ڪيو. ڪارڊيڪ سينٽر ۾ مريضن کي فراهم ٿيندڙ طبي سهولتن جو جائزو ورتو ۽ مريضن ۽ سندن وارثن سان ملاقات ڪئي. مصطفيٰ ڪمال مريضن کي درپيش مشڪلاتن، علاج جي سهولت ۽ دوائن جي دستيابي جي حوالي سان سوال ڪيا. وفاقي وزير پمز ۾ اليڪٽرو فزيولاجي ڪيٿ ليب جو به دورو ڪيو ۽ اتي فراهم ڪيل جديد طبي سهولتن جو جائزو ورتو. هن لاڳاپيل عملدارن کان ڪيٿ ليب جي صلاحيت، جديد اوزارن ۽ مريضن کي فراهم ڪيل سهولتن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ورتي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته مريضن کي جديد طبي سهولتن جي فراهمي ۽ سندن مسئلن جي فوري حل کي اولين ترجيح ڏني وڃي.