نجڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ حڪومت ڀرپور تعاون جاري رکندي: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته نجڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ حڪومت ڀرپور تعاون جاري رکندي، ڪوشش آهي ته عروج ۽ زوال جي چڪر مان معيشت کي ڪڍيو وڃي، جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 8.8 سيڪڙو کان وڌي 10.3 سيڪڙو ٿي وئي. جمعي ڏينهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي اهتمام هيٺ پبلڪ پرائيويٽ …

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته نجڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ حڪومت ڀرپور تعاون جاري رکندي، ڪوشش آهي ته عروج ۽ زوال جي چڪر مان معيشت کي ڪڍيو وڃي، جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 8.8 سيڪڙو کان وڌي 10.3 سيڪڙو ٿي وئي. جمعي ڏينهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي اهتمام هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ نجڪاري بابت قومي اسٽريٽجڪ ڳالهين کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي پهرين ترجيح ڪلي معيشت جي استحڪام جي ماحول کي مستقل بنيادن تي برقرار رکڻ آهي، هي استحڪام وڏي محنت سان حاصل ٿيو ۽ انتهائي مشڪل فيصلا ڪيا ويا پر اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته اسان ٻيهر بوم اينڊ بسٽ جي چڪرن ۾ واپس نه وڃون. ٻئي ترجيح استحڪام کان پائيدار معاشي اوسر طرف وڌڻ، ٽئين ترجيح ڍانچاجاتي سڌارن جي حوالي سان موجوده رستي پوري ثابت قدمي سان قائم رهڻ ۽ چوٿين ترجيح اها آهي ته نجي شعبي کي ملڪ جي معيشت جي قيادت جاري رکڻ جي قابل بڻايو وڃي، هي اهو ئي مقام آهي جتي نجڪاري جو عمل اهميت اختيار ڪري ٿو. ايف بي آر ۾ سڌارن جي حوالي سان اسان افرادي قوت، طريقيڪار ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ جيڪي قدم کنيا انهن جي نتيجي ۾ گذريل ٻن سالن دوران اسان جي روينيو وصولين ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿيو، هن وقت سول حڪومت هلائڻ جا خرچ، قرضن جي ادائيگي جي لاڳت وغيره سميت مجموعي خرچن کي گهٽ ڪرڻ جو سلسلو به جاري رکيو ويو آهي.ايف بي آر جو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح جيڪا هڪ عرصي کان رڳو 8.8 سيڪڙو تي بيٺل هئي جيڪا هاڻي وڌي 10.3 سيڪڙو ٿي وئي آهي. اسان کي ان کي وڌيڪ وڌائيندي مختصر مدي ۾ 11 کان 12 سيڪڙو تائين وٺي وڃڻو پوندو ته جيئن اسان خطي جي ملڪن جي سطح تائين پهچي سگهون. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل مالي سال ۾ پرڏيهي ناڻي جي مستحڪم وهڪري سان گڏوگڏ آءِ ٽي ايڪسپورٽ خدمتن ۾ حقيقي نموني به مدد ڏني. هن چيو ته سرڪاري ڪاروباري ادارا ان حوالي سان موثر اڳڀرائي نٿا ڪري سگهن ۽ نه ئي نجڪاري کي اڳتي وڌائي سگهن ٿا، جيستائين توانائي جي شعبي ۾ ڍانچاجاتي سڌارا نه ڪيا وڃن، سرڪاري ادارن جي حوالي سان به اسان 27 ٽرانزيڪشنز نجڪاري ڪميشن ڏانهن منتقل ڪيون آهن، اهڙي طرح اهڙا سرڪاري ادارا جيڪي سڌارن جوڳا نه هئا اسان انهن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. چاهي ان ۾ يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن هجي يا پاڪ پي ڊبليو جي بند ڪرڻ جهڙا مشڪل فيصلا شامل هئا. ناڻي واري وزير چيو ته قرض وٺڻ جي ضرورتن لاءِ بئنڪاري نظام تي ڀاڙڻ پر حد کان وڌيڪ ڀاڙڻ هاڻي وڌيڪ پائيدار ناهي رهيو انهي لاءِ اسان ان حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان جي ايڪٽويٽي ڪيپيٽل مارڪيٽس تمام سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نوان سيڙپڪار اچي رهيا آهن ۽ اسان مسلسل بهتري طرف وڌي رهيا آهيون، اسان کي قرض جي ڪيپيٽل مارڪيٽ تي به ڀرپور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سيڙپڪاري جو بنياد وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ته جيئن بئنڪاري نظام تي دارومدار گهٽ ڪري سگهجي، ان سلسلي ۾ قدمن جو سلسلو جاري آهي. ناڻي واري وزير چيو ته جڏهن اسان نجي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان کي سمورن رستن ۽ امڪانن کي ڏسڻو پوندو ۽ اهو جائزو وٺڻو پوندو ته اسان جي اختيار ۾ ڇا ڇا آهي. ڪجهه عمل اسان جي اختيار ۾ ناهن هوندا، ڪجهه پرڏيهي عمل، پرڏيهي جهٽڪا ۽ اوچتو پيدا ٿيندڙ حالتون به ٿي سگهن ٿيون جن جي اڳڪٿي مشڪل هوندو آهي پر جيڪي شيون چاهي اهي قانون سازي جي ايجنڊا هجي، ٽيڪس جو شعبو هجي يا ريگوليٽري ماحول جيڪي اسان جي اختيار ۾ آهن، انهن تي اسان کي ڀرپرو ڌيان ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي پوري مشينري نجڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي.