وفاقي وزير ارونگزيب خان کچي پاران اردو ٻولي جي واڌ ويجهه واري اداري جو دورو، قومي ٻولي ۽ ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪتابن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ تي زور

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير ارونگزيب خان کچي اردو ٻولي جي واڌ ويجهه واري اداري جي دوري جي موقعي تي قومي ٻولي، ادب ۽ علمي سيڙپڪاري کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. وفاقي وزير ايوان اردو جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راشد حميد کي سندس لکيل 5 نصاب ڪتاب نصاب جو حصو بڻجڻ تي مبارڪون ڏيندي ان …

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير ارونگزيب خان کچي اردو ٻولي جي واڌ ويجهه واري اداري جي دوري جي موقعي تي قومي ٻولي، ادب ۽ علمي سيڙپڪاري کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. وفاقي وزير ايوان اردو جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راشد حميد کي سندس لکيل 5 نصاب ڪتاب نصاب جو حصو بڻجڻ تي مبارڪون ڏيندي ان جي علمي، ادبي ۽ تدريسي خدمتن کي ساراهيو. هن اداري جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ايوان اردو جي علمي ۽ تحقيقي ڪم کي قومي سطح سان گڏوگڏ عالمي سطح تي به موثر انداز ۾ متعارف ڪرايو وڃي ته جيئن دنيا کي اداري جي اهميت، علمي خدمتن ۽ پاڪستان جي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان ان جي ڪردار کان آگاهي حاصل ٿئي. وفاقي وزير چيو ته اردو ٻولي ۾ شايع ٿيندڙ اهم ڪتاب ٻين ٻولين ۾ ترجما ۽ انهن جي نمائشن کي ملڪ جي مختلف شهرن تائين محدود رکڻ بدران عالمي سطح تي پيش ڪيو وڃي. هن خاص طور تي وچ ايشيائي ملڪن ۾ پاڪستاني ڪتابن ۽ علمي سرمائي جون نمائشون منعقد ڪرڻ جي تجويز ڏني. هن هدايت ڪئي ته وچ ايشيائي ملڪن جي ثقافت ۽ تاريخ بابت اهي ڪتاب به ان نمائش ۾ شامل ڪيا وڃن جن جو اردو ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. خاص ڪري انهن ملڪن جي صدرن ۽ اهم شخصيتن جي لکيل ڪتابن کي به اجاگر ڪيو وڃي، هن چيو ته پاڪستان جي ثقافت، تاريخ ۽ تهذيب جي موضوع تي لکيل اهي ڪتاب به عالمي سطح تي متعارف ڪرايا وڃن جن جا روسي، آذربائيجاني، ازبڪ ۽ فارسي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. وفاقي وزير اداري جي وڌيڪ بهتري ۽ ڪارڪردگي کي موثر بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي مختلف تجويزون ڏنيون ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قومي ٻولي ۽ ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جديد گهرجن سان هم آهنگ قدم کنيا وڃن.