زرعي روانگي واپار ۾ اضافو معاشي خودمختياري لاءِ ضروري آهي: احسن اقبال

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي 2035ع تائين هڪ ٽريلين ڊالر جي معيشت بڻجڻ لاءِ روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ڪرڻو پوندو، جڏهن ته معاشي خودمختياري کي حاصل ڪرڻ لاءِ روانگي واپار واري شعبي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي. هن اهڙو اظهار پاڪستان جي زرعي روانگي واپار مان ڀرپور فائدو کڻڻ …

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي 2035ع تائين هڪ ٽريلين ڊالر جي معيشت بڻجڻ لاءِ روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ڪرڻو پوندو، جڏهن ته معاشي خودمختياري کي حاصل ڪرڻ لاءِ روانگي واپار واري شعبي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي. هن اهڙو اظهار پاڪستان جي زرعي روانگي واپار مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي حوالي سان منعقد گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. احسن اقبال چيو ته اڏام پاڪستان جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ روانگي واپار ۾ تيزي سان اضافو ضروري آهي، دنيا جي اسرندڙ ملڪن روانگي واپار کي وڌائي پائيدار معاشي ترقي حاصل ڪئي، جڏهن ته پاڪستان جي روانگي واپار ۾ گهربل اضافو نه ٿيڻ معاشي بحران جي وڏن سببن ۾ شامل آهي، وفاقي وزير چيو ته روانگي واپار ۾ اضافو نه ٿيڻ سبب پاڪستان کي بار بار دوست ملڪن ۽ آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻو پوندو آهي، جڏهن ته بار بار آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ معاشي مسئلن جو مستقل حل ناهي. احسن اقبال چيو ته سياسي عدم استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل ۾ کوٽ پاڪستان جي ترقي کي متاثر ڪيو. معاشي ترقي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن تائين پاليسين جو تسلسل ضروري آهي. هن چيو ته ويزن 2010ع ۽ ويزن 2025ع جهڙا منصوبا به پاليسي تسلسل نه هجڻ سبب گهربل نتيجا حاصل نه ڪري سگهيا، زرعي شعبي جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته زراعت پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، زرعي ملڪ هجڻ باوجود زرعي جنسن جي درآمد پاڪستان لاءِ وڏو الميو آهي، پاڪستان کي پنهنجي زرعي شين کي عالمي مارڪيٽن تائين هم آهنگ ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت زرعي شعبي سان لاڳاپيل وڌيڪ هڪ هزار ماڻهن تي ٻڌل ٻي بينچ جلد چين رواني ڪندي ته جيئن جديد زرعي طريقيڪار ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي پاڪستان جي زرعي شعبي جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان وٽ روانگي واپار وڌائن لاءِ وسيع وسيلا ۽ صلاحيت موجود آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن سمورن وسيلن کي موثر انداز ۾ استعمال ۾ آندو وڃي ۽ زرعي شعبي ۾ پيداوار، معيار، پروسيسنگ، پيڪيجنگ ۽ عالمي مارڪيٽ تائين رسائي کي ترجيح ڏني وڃي.