راولپنڊي-04 سيپٽمبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز بلوچستان صوبي جي قلات ضلعي ۾ انٽيليجنس بنياد تي ڪارروائي دوران 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. جمعي ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب 2 سيپٽمبر تي سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڀارتي پراڪسي ”فتنه الهندستان“ سان لاڳاپيل دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي معلومات جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي نشاندهي ۽ نگراني …
بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ انٽيليجنس بنياد تي ڪارروائي دوران 12 دهشتگرد جهنم ڀيڙا: آءِ ايس پي آر
راولپنڊي-04 سيپٽمبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز بلوچستان صوبي جي قلات ضلعي ۾ انٽيليجنس بنياد تي ڪارروائي دوران 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. جمعي ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب 2 سيپٽمبر تي سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڀارتي پراڪسي ”فتنه الهندستان“ سان لاڳاپيل دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي معلومات جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي نشاندهي ۽ نگراني ڪئي وئي، سيڪيورٽي فورسز فوري سرجيڪل ايڪشن ذريعي انهن کي تباهه ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا. جڏهن ته ان موقعي تي هٿيار جو ذخيرو ۽ ديسي ساخت وارا ڌماڪيدار اوزار به تباهه ڪيا ويا. علائقي ۾ موجود ڪنهن ٻي ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد جي خاتمي لاءِ سرچ ۽ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب ڪنهن به پرڏيهي حمايت يافته دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران عزم استحڪام جي ويزن تحت دهشتگردي جي روڪٿام واري مهم ڀرپور طريقي سان جاري آهي.












