اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان جي علائقي قلات ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير سيڪيورٽي فورسز جي وقت تي پيشيوراڻي ڪارروائي دوران 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي واکاڻ ڪئي آهي. هن واضح ڪيو ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان مان امن دشمنن جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري …
سيڪيورٽي فوسز جي قلات ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي واکاڻ جوڳي آهي: وفاقي گهرو وزير
اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان جي علائقي قلات ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير سيڪيورٽي فورسز جي وقت تي پيشيوراڻي ڪارروائي دوران 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي واکاڻ ڪئي آهي. هن واضح ڪيو ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان مان امن دشمنن جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن واضح لفظن ۾ چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي ملڪ ۾ ڪٿي به لڪڻ جي جاءِ نه ملندي ۽ رياست دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملايو ويندو.












