اسلام آباد - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع ۽ شهيدن جي جي موقعي تي پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪور ۽ خيبرپختونخوا پوليس ملڪ ۽ قوم جي حفاظت لاءِ پرعزم آهن. تفصيل مطابق دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪور ۽ خيبرپختونخوا پوليس جي اهلڪارن وطن تي قربان ٿيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. يوم دفاع ۽ شهدا تي پاڪستان جي فخر جوڳي سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن پنهنجي …
دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪور ۽ خيبرپختونخوا پوليس پاران ملڪ ۽ قوم جي حفاظت جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع ۽ شهيدن جي جي موقعي تي پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪور ۽ خيبرپختونخوا پوليس ملڪ ۽ قوم جي حفاظت لاءِ پرعزم آهن. تفصيل مطابق دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪور ۽ خيبرپختونخوا پوليس جي اهلڪارن وطن تي قربان ٿيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. يوم دفاع ۽ شهدا تي پاڪستان جي فخر جوڳي سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان ان پاڪ سرزمين جي سرحدن جا امين ۽ ان جي حفاظت ڪندڙ آهيون، اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته سندن جان نثارن جي لسٽ ۾ اسان جو نالو به شامل آهي، دشمن جڏهن به ميري اک سان ڏٺو ته اسان جانين جي قرباني ڏئي ملڪ بچايو. پاڪستان کي ان جي حقيقي منزل تائين پهچائن لاءِ اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن جي عزم مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو هر قسم جي داخلي ۽ پرڏيهي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن.











