ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن . جمعي ڏينهن جاري ڪيل رپورٽ مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 20 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 لک 20 هزار  800 ڪيوسڪ ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 30 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 هزار 100 …

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن . جمعي ڏينهن جاري ڪيل رپورٽ مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 20 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 لک 20 هزار  800 ڪيوسڪ ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 30 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 هزار 100 ڪيوسڪ ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 2 لک 48 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 لک 48 هزار 600 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 25 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 61 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 37 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. جناح بيراج ۾ پاڻي جي آمد 3 لک 57 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ اخراج 3 لک 49 هزار600 ڪيوسڪ ، چشمه بيراج ۾ پاڻي جي آمد 3 لک 7 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 لک 88 هزار 800 ڪيوسڪ ، تونسه بيراج ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 34 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 لک 13 هزار 200 ڪيوسڪ ، گڊو بيراج ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 67 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 35 هزار 200 ڪيوسڪ ، سکر بيراج ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 12 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 60 هزار 200 ڪيوسڪ ، ڪوٽڙي بيراج ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 68 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 26 هزار 400 ڪيوسڪ ، تريمون بيراج ۾ پاڻي جي آمد 31 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ پنجند ۾ پاڻي جي آمد 26 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 12 هزار ڪيوسڪ رهيو . تربيلا ڊيم ۾ گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550 فٽ ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 5.580 ملين ايڪڙ فٽ ، منگلا ۾ گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ ،پاڻي جي موجوده سطح 1221.35 فٽ،پاڻي ذخيرو ڪرڻ  جي انتهائي سطح 1242  فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 5.682 ملين ايڪڙ فٽ ۽ چشمه جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ ، پاڻي جي موجوده سطح 648.50 فٽ ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو .