اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ جمعي ڏينهن ڪچي تيل، سون ۽ جنسن جي اگهه ۾ گهٽتائي جو لاڙو رهيو. بلوم برگ جي رپورٽ موجب ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ جي تيل جا آڪٽوبر لاءِ سودا 0.52 ڊالر جي گهٽتائي سان 90.78 ڊالرز في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي تيل جا سودا 0.27 ڊالر جي گهٽتائي سان 95.25 ڊالر في بيرل …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل، سون ۽ جنسن جي اگهه ۾ گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ جمعي ڏينهن ڪچي تيل، سون ۽ جنسن جي اگهه ۾ گهٽتائي جو لاڙو رهيو. بلوم برگ جي رپورٽ موجب ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ جي تيل جا آڪٽوبر لاءِ سودا 0.52 ڊالر جي گهٽتائي سان 90.78 ڊالرز في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي تيل جا سودا 0.27 ڊالر جي گهٽتائي سان 95.25 ڊالر في بيرل ۾ طئه ٿيا. سون جي اگهه ۾ 24.40 ڊالرن جي گهٽتائي آئي جنهن کان پوءِ سون جو في اونس جو اگهه 4515.50 ڊالر ۽ چاندي جو اگهه 0.36 ڊالر جي گهٽتائي سان 67.35 ڊالر في اونس تي اچي ويو. جڏهن ته جنسن ۾ مڪئي جا ڊسمبر لاءِ سودا 1.25 ڊالر جي گهٽتائي سان 539.50 ڊالر في بشل ۽ ڪڻڪ جا ڊسمبر لاءِ سودا 2.75 ڊالر جي گهٽتائي سان 751.50 ڊالر في بشل ۾ طئه ٿيا.











