شام ۾ نئين مقرر ٿيل سعودي سفير پاران پرڏيهي وزير کي سفارتي سندون پيش

دمشق - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) شام ۾ سعودي عرب جي نئين مقرر ٿيل سفير غازي الغزي شام جي پرڏيهي وزير اسعد حسن الشيباني کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪري ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق شام جي پرڏيهي وزير دمشق ۾ هڪ تقريب دوران برازيل، ازبڪستان، سوئيڊن ۽ يورپي يونين جي سفيرن کان به سندون وصول ڪيون. نئين سعودي سفير غازي الغزي کي هلندڙ سال جولاءِ ۾ شام ۾ سعودي …

دمشق – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) شام ۾ سعودي عرب جي نئين مقرر ٿيل سفير غازي الغزي شام جي پرڏيهي وزير اسعد حسن الشيباني کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪري ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق شام جي پرڏيهي وزير دمشق ۾ هڪ تقريب دوران برازيل، ازبڪستان، سوئيڊن ۽ يورپي يونين جي سفيرن کان به سندون وصول ڪيون. نئين سعودي سفير غازي الغزي کي هلندڙ سال جولاءِ ۾ شام ۾ سعودي عرب جو سفير مقرر ڪيو ويو هو جيڪو سعودي پرڏيهي وزارت ۾ عرب رياستن جي جنرل ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر جنرل رهي چڪو آهي. هن دمشق ۾ سعودي سفير ڊاڪٽر فيصل بن سعود المجفل جي جاءِ ورتي آهي، جنهن کي فرانس ۾ سعودي سفير مقرر ڪيو ويو آهي.