ڪوئٽو-04 سيپٽمبر (اي پي پي) ايڪواڊور جي اولهندي صوبي سانتا ايلينا جي مشهور سياحتي ماڳ ايانگي جي مهاڻن واري ڳوٺ تي هٿياربندن جي حملي ۾ ٻن ٻارن سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس چيو ته شروعاتي جاچ موجب، چار نقاب پوش هٿياربند هڪ ڪار ۾ سوار ٿي اتي پهتا، جنهن بعد زبردستي هڪ گهر ۾ داخل ٿيا ۽ فائرنگ ڪئي. …
ايڪواڊور ۾ مهاڻن جي ڳوٺ تي هٿياربندن جو حملو، ٽي ڄڻا مارجي ويا
ڪوئٽو-04 سيپٽمبر (اي پي پي) ايڪواڊور جي اولهندي صوبي سانتا ايلينا جي مشهور سياحتي ماڳ ايانگي جي مهاڻن واري ڳوٺ تي هٿياربندن جي حملي ۾ ٻن ٻارن سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس چيو ته شروعاتي جاچ موجب، چار نقاب پوش هٿياربند هڪ ڪار ۾ سوار ٿي اتي پهتا، جنهن بعد زبردستي هڪ گهر ۾ داخل ٿيا ۽ فائرنگ ڪئي. سانتا ايلينا انهن صوبن ۾ شامل آهي جيڪي منظم ڏوهن سان ڳنڍيل تشدد کان متاثر آهن ۽ اتي هنگامي حالتون لاڳو آهن. سخت اندروني بدامني جي ڪري حڪومت 14 آگسٽ تي هنگامي حالتن ۾ وڌيڪ 30 ڏينهن جي واڌ ڪئي هئي.












