لنڊن-04 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي ملٽي نيشنل ٽرانسپورٽ ڪمپني اوبر برطانيه جي مصنوعي ذهانت جي ٽيڪنالاجي ڪمپني ” ويو “ سان شراڪتداري جي معاهدي بعد لنڊن ۾ پنهنجي پهرين آٽو ميٽڪ ٽيڪسي (روبوٽيڪسي)جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻنهي ڪمپنين گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته لنڊن جا شهري اوبر جي ايپ ذريعي آٽوميٽڪ گاڏين ۾ سفر ڪري سگهن ٿا پر حفاظتي مقصدن کي نظر ۾ …
مصنوعي ذهانت جي ڪمپني ” ويو “ ۽ ”اوبر “ لنڊن ۾ آٽوميٽڪ ڪار گاڏين جي شروعات ڪري ڇڏي
لنڊن-04 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي ملٽي نيشنل ٽرانسپورٽ ڪمپني اوبر برطانيه جي مصنوعي ذهانت جي ٽيڪنالاجي ڪمپني ” ويو “ سان شراڪتداري جي معاهدي بعد لنڊن ۾ پنهنجي پهرين آٽو ميٽڪ ٽيڪسي (روبوٽيڪسي)جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻنهي ڪمپنين گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته لنڊن جا شهري اوبر جي ايپ ذريعي آٽوميٽڪ گاڏين ۾ سفر ڪري سگهن ٿا پر حفاظتي مقصدن کي نظر ۾ رکندي هر گاڏي ۾ هڪ انساني ڊرائيور موجود هوندو جيڪو ضرورت پوڻ تي گاڏي جو اسٽيئرنگ سنڀالي سگهي ٿو. ٻنهي ڪمپنين چيو ته هو مڪمل طور تي برقي فورڊ گاڏين تي ٻڌل هڪ مختصر ٻيڙي کي هلائي رهيا آهن ، جنهن ۾ ” ويو “ جي مصنوعي ذهانت تي ٻڌل آٽو ميٽڪ ڊررائيونگ ٽيڪنالاجي نصب آهي . اوبر چيو ته هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ لنڊن جي شهرين اوبر جي سمارٽ ٽرانسپورٽ ايپ ذريعي آٽو ميٽڪ گاڏين جي استعمال کي ترجيح ڏيڻ جو اظهار ڪيو آهي. ٽرانسپورٽ فار لنڊن خودڪار گاڏين ۾ استعمال لاءِ ننڍين ٽيڪسين جا لائيسنس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي .ياد رهي ته لنڊن دنيا جو پهريون شهر هوندو جتي تجارتي سفري خدمتن لاءِ مصنوعي ذهانت واري ان ڪمپني ءَ جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي.












