ووڪس ويگن پاران سڄي دنيا ۾ وڌيڪ 50 هزار ملازمتون ختم ڪرڻ جو اعلان

برلن -04 سيپٽمبر (اي پي پي) جرمني جي آٽوموبائل ڪمپني ووڪس ويگن فيوچر پلان سال 2030 ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت سڄي دنيا ۾ وڌيڪ اٽڪل 50 هزار ملازمتون ختم ڪيون وينديون . جڏهن ته سال 2035ع تائين ڪمپني جي ماڊل پورٽ فوليو جو انگ اٽڪل اڌ ڪيو ويندو . پرڏيهي ميڊيا مطابق ووڪس ويگن گروپ گّذريل بيان ۾ چيو آهي ته متفقه طور تي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي …

برلن -04 سيپٽمبر (اي پي پي) جرمني جي آٽوموبائل ڪمپني ووڪس ويگن فيوچر پلان سال 2030 ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت سڄي دنيا ۾ وڌيڪ اٽڪل 50 هزار ملازمتون ختم ڪيون وينديون . جڏهن ته سال 2035ع تائين ڪمپني جي ماڊل پورٽ فوليو جو انگ اٽڪل اڌ ڪيو ويندو . پرڏيهي ميڊيا مطابق ووڪس ويگن گروپ گّذريل بيان ۾ چيو آهي ته متفقه طور تي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي فيوچر پلان سال 2030ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان منصوبي ۾ سڄي گروپ ۾ اٽڪل 50 هزار ملازمتون شامل آهن، جيڪي پهريان کان جاري 50 هزار ملازمتن ۾ گهٽتائي کان علاوه آهي . بيان ۾ چيو ويو آهي ته ووڪس ويگن گروپ سال 2035ع تائين پنهنجي ماڊل پورٽ فوليو ۾ اٽڪل 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪندو ۽ پنهنجي مصنوعات جي مونجهاري کي 75 سيڪڙو گهٽ ڪندو .  ڪمپني ملازمتن ۾ گهٽتائي جي وقت يا مختلف برانڊز ۽ خطن ۾ ان قسم جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل فراهم ناهن ڪيا. ووڪس ويگن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر بيان ۾ ٻڌايو آهي ته ووڪس ويگن گروپ جي مستقبل لاءِ هڪ مضبوط پيغام آهي. اسان پنهنجي سموري افرادي سگهه، پنهنجي شراڪتدارن ۽ سڄي دنيا ۾ صنعتي ملازمتن جي لاءِ ذميواري کڻي رهيا آهيون.