مهراڻ يونيورسٽي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت پروفيسر ڊين مقرر

ڄامشورو-04 سيپٽمبر (اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت پروفيسر کي ڊين مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي منظوري سان ڪيميڪل انجنيئرنگ شعبي جي ميرٽوريس پروفيسر ڊاڪٽر خديجه قريشي کي ٽن سالن جي عرصي لاءِ فئڪلٽي آف مڪينيڪل، پروسيس اينڊ ارٿ انجنيئرنگ جي ڊين مقرر ڪيو ويو آهي. پروفيسر ڊاڪٽر خديجه قريشي جي …

ڄامشورو-04 سيپٽمبر (اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت پروفيسر کي ڊين مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي منظوري سان ڪيميڪل انجنيئرنگ شعبي جي ميرٽوريس پروفيسر ڊاڪٽر خديجه قريشي کي ٽن سالن جي عرصي لاءِ فئڪلٽي آف مڪينيڪل، پروسيس اينڊ ارٿ انجنيئرنگ جي ڊين مقرر ڪيو ويو آهي. پروفيسر ڊاڪٽر خديجه قريشي جي مقرري تي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار ۽ رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو سميت يونيورسٽي جي مختلف فئڪلٽيز جي ڊينز، تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن پاران کيس مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر خديجه قريشي جي مقرري کي مهراڻ يونيورسٽي جي تاريخ ۾ عورتن جي قيادت ۽ اعليٰ انتظامي عهدن تي نمائندگي جي حوالي سان هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.