لاڙڪاڻي جي ڪمشنر پاران سندس فيس ۾ نادرا جي نئين سينٽر جو باقاعده افتتاح

لاڙڪاڻو-04 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ڪمشنر ڊاڪٽر رشيد مسعود پٺاڻ ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي ۾ نادرا جي نئين سينٽر جو باقاعده افتتاح ڪيو. نئين نادرا سينٽر جي قيام جو بنيادي مقصد شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻين نادرا سان لاڳاپيل سهولتن جي فراهمي کي وڌيڪ آسان ۽ بهتر بڻائڻ آهي. افتتاحي تقريب ۾ نادرا جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ثمينه ۽ ڊائريڪٽر عاليه پڻ خاص طور تي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر …

لاڙڪاڻو-04 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ڪمشنر ڊاڪٽر رشيد مسعود پٺاڻ ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي ۾ نادرا جي نئين سينٽر جو باقاعده افتتاح ڪيو. نئين نادرا سينٽر جي قيام جو بنيادي مقصد شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻين نادرا سان لاڳاپيل سهولتن جي فراهمي کي وڌيڪ آسان ۽ بهتر بڻائڻ آهي. افتتاحي تقريب ۾ نادرا جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ثمينه ۽ ڊائريڪٽر عاليه پڻ خاص طور تي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر ڊاڪٽر رشيد مسعود پٺاڻ نئين سينٽر جو دورو ڪري اتي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو ۽ نادرا جي عملدارن سان مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر رشيد مسعود پٺاڻ چيو ته ڪمشنر آفيس ۾ نادرا جي نئين سينٽر جي قيام جو مقصد عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، جيئن شهرين کي نادرا جي مختلف خدمتن لاءِ پريشانين ۽ ڊگهن سفرن کان بچائي سگهجي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا عوامي ڀلائي ۽ سرڪاري خدمتن جي بهتر فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. نادرا جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ثمينه چيو ته نئين سينٽر جي قيام دوران سيڪيورٽي بابت ڪجهه مسئلا درپيش هئا، جڏهن ته ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر رشيد مسعود پٺاڻ جي سهڪار سان مسئلا پڻ حل ڪياويا. هن ڪمشنر لاڙڪاڻي جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته نئين نادرا سينٽر جي قيام سان شهرين کي بهتر، تيز ۽ آسان خدمتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.تقريب ۾ موجود عملدارن اميد ظاهر ڪئي ته ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي ۾ نادرا سينٽر قائم ٿيڻ سان خاص طور تي شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ، ب فارم ۽ ٻين نادرا سان لاڳاپيل خدمتونحاصل ڪرڻ ۾ وڏي آساني پيدا ٿيندي ۽ عوام کي هڪ وڌيڪ سهولت فراهم ٿيندي.