حيدرآباد -04 سيپٽمبر(اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بيورو آف اسٽيگس پاران 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي مناسبت سان جمعي ڏينهن آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ کان سينٽرل لائبريري تائين هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ استادن، آفيسرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ريلي جو مقصد پاڪستان جي هٿياربند فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ ملڪ لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ هو. ريلي جي اڳواڻي …
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هٿياربند فوج ۽ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ دفاع واري ڏهاڙي جي مناسبت سان شاندار ريلي ڪڍي وئي
حيدرآباد -04 سيپٽمبر(اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بيورو آف اسٽيگس پاران 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي مناسبت سان جمعي ڏينهن آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ کان سينٽرل لائبريري تائين هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ استادن، آفيسرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ريلي جو مقصد پاڪستان جي هٿياربند فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ ملڪ لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ هو. ريلي جي اڳواڻي مختلف فيڪلٽين جي ڊينز ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ ڪئي. ريلي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ بينر کنيل هئا، جن پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ شهيدن جي شان ۾ نعرا هنيا. ريلي جيئن ئي سينٽرل لائبريري پهتي ته مظاهري ۾ تبديل ٿي وئي، جتي مقررن دفاعي ڏينهن جي اهميت ۽ ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي لاءِ ڏنل قربانين تي روشني وڌي. ريلي کي خطاب ڪندي فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام چيو ته دفاعي ڏينهن قوم کي 1965ع جي جنگ دوران ڏيکاريل بهادري، عزم ۽ قومي يڪجهتي جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته هٿياربند فوج ۽ شهيدن جون قربانيون پاڪستان جي تاريخ جو هميشه لازمي حصو رهنديون. هن شاگردن تي زور ڀريو ته هو تعليم، تحقيق، نظم ضبط ۽ ذميوار شهري بڻجي ملڪ جي خدمت ڪن. فيڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو چيو ته پاڪستان جي طاقت رڳو ان جي دفاعي صلاحيتن ۾ نه پر ان جي عوام جي اتحاد ۽ عزم ۾ پڻ آهي. هن چيو ته يونيورسٽين جو اهم ڪردار آهي ته اهي اهڙا تعليم يافته ۽ ذميوار شهري تيار ڪن، جيڪي ملڪ جي معيشت ۽ ادارن کي مضبوط بڻائڻ جي صلاحيت رکن. هن وڌيڪ چيو ته نوجوان نسل کي دفاعي ڏينهن سان وابسته قرباني ۽ حب الوطني جي جذبي مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. پوليٽيڪل سائنس شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر چيو ته دفاعي ڏينهن مادرِ وطن جي دفاع لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوجن ۽ عام شهرين پاران ڏنل تاريخي قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته قومي سلامتي جو تعلق سياسي استحڪام، سماجي هم آهنگي ۽ مضبوط جمهوري ثقافت سان گهرو آهي. هن شاگردن تي زور ڀريو ته هو معاشري ۾ برداشت، اتحاد ۽ آئيني قدرن کي هٿي وٺرائين. سنڌ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ چيو ته اسان پاڪستان جي شهيدن ۽ هٿياربند فوج کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ متحد آهيون. هن چيو ته قوم جي هيروز جون قربانيون نوجوانن کي ايمانداري ۽ ذميواري جي مضبوط احساس سان ملڪ جي خدمت ڪرڻ لاءِ اتساهين ٿيون. هن بيورو آف اسٽئگس ۽ سمورن استادن، آفيسرن، ملازمن ۽ شاگردن پاران دفاعي ڏينهن جي واڪ ۾ شريڪ ٿيڻ واري عمل کي ساراهيو. ان موقعي تي بيورو آف اسٽئگس جو ڊائريڪٽر اجويد ڀٽي، ڊاڪٽر محمد حسن اَگھيم، ڊاڪٽر رياض مري، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو، ڊاڪٽر پنھل خان لاشاري، ڊاڪٽر عبدالحفيظ ابڙو، ڊاڪٽر شجاع کھاوڙ، ڊاڪٽر مظھر عباسي، محمد معشوق صديقي، ڊاڪٽر انتظار علي لاشاري، ڊاڪٽر رفيق علي بروهي ۽ وڏي انگ ۾ استادن، آفيسرن، استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻي قومي يڪجهتي کي برقرار رکڻ، شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکڻ ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي نئين عزم سان ڪئي وئي.












