ايندڙ 2 ڏينهن ۾ پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ سانوڻي جون برساتون پوڻ جو امڪان آهي: پي ڊي ايم اي

 لاهور -04 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 2 ڏينهن ۾ پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ سانوڻي جون برساتون پوڻ جو امڪان آهي . پي ڊي ايم اي  مطابق برساتن سبب سنڌو درياهه ، جهلم ، چناب ، راوي جي اهم ڪيچمينٽ ايرياز ۾ پاڻي ۾ اضافي جو امڪان آهي جڏهن ته راولپنڊي ، جهلم ، گجرات ، گوجرانوالا، سيالڪوٽ ، نارووال ۽ لاهور ۾ اربن …

 لاهور -04 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 2 ڏينهن ۾ پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ سانوڻي جون برساتون پوڻ جو امڪان آهي . پي ڊي ايم اي  مطابق برساتن سبب سنڌو درياهه ، جهلم ، چناب ، راوي جي اهم ڪيچمينٽ ايرياز ۾ پاڻي ۾ اضافي جو امڪان آهي جڏهن ته راولپنڊي ، جهلم ، گجرات ، گوجرانوالا، سيالڪوٽ ، نارووال ۽ لاهور ۾ اربن فلڊنگ جو پڻ خدشو آهي. موجوده صورتحال جي حوالي سان پي ڊي ايم اي ٻڌايو ته پنجاب جي اڪثر دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي. چناب درياهه ، جهلم ، راوي ۽ ستلج ۾ به پاڻي جو وهڪرو نارمل سطح تي آهي. پي ڊي ايم اي مطابق ڊيراغازي خان رودڪيون ۾ پاڻي جو وهڪرو نارمل آهي جڏهن ته سنڌو درياهه ۾ ڪالا باغ ۽ چشمه وٽ هيٺئين درجي جي ٻوڏ آهي ، ڪالا باغ وٽ 3 لک 35 هزار ۽ چشمه ۾ پاڻي جو وهڪرو 3 لک 5 هزار ڪيوسڪ آهي . پي ڊي ايم اي جي ترجمان ٻڌايو آهي ته ناله ڊيگ ڪنگرا ۾ هيٺين  درجي جي ٻوڏ واري صورتحال آهي . تربيلا ڊيم 100 سيڪڙو ۽ منگلا ڊيم 78 سيڪڙو ڀرجي چڪا آهن. ڊي جي پي ڊي ايم اي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته موسم ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي تدبيرون اختيار ڪن . درياهن، نهرن ۽ ندي نالن جي پاسي سير و تفريح کان پاسو ڪن ۽ ٻارن جو خاص خيال رکن. کين دريائن، ندي نالن ۾ هرگز نه وهنجارين .