لاهور - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ضلعي قلات ۾ فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ بهادري جي واکاڻ ڪئي. …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران قلات ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
لاهور – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ضلعي قلات ۾ فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ بهادري جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ اهلڪار ملڪ جي امن کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن جي خلاف موثر ڪارروايون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي حفاظت جي پختي عزم ۾ مون سميت پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. دهشتگردن جي بلوچستان جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪڌي ارادن ۾ انهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.











