اسلام آباد - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني قلات ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان جي ٺڪاڻن جي نشاندهي ڪري 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر قلات ۾ ڪارروائي دوران فتنه الهندستان جي دهشتگرد ٺڪاڻن ۾ بارودي مواد جي ذخيري کي تباهه ڪرڻ تي پڻ سيڪيورٽي …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران قلات ۾ فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني قلات ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان جي ٺڪاڻن جي نشاندهي ڪري 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر قلات ۾ ڪارروائي دوران فتنه الهندستان جي دهشتگرد ٺڪاڻن ۾ بارودي مواد جي ذخيري کي تباهه ڪرڻ تي پڻ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررڪردگي جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي بلوچستان صوبي کي امن ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائينداسين. وقتي صدر چيو ته ملڪ مان ٻاهرئين سرپرستي ۾ جاري دهشتگردي جي لعنت جي پاڙ کان خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون ڀرپور شدت سان جاري رهنديون.











