پاڪستان پاران نارووال ۾ هندو مندر جي حوالي سان ڀارتي پرڏيهي وزارت جون ڪوڙيون ۽ سياسي مقصدن تي ٻڌل دعوائون رد

اسلام آباد - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان نارووال ۾ هندو مندر جي حوالي سان ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ڪوڙي ۽ سياسي مقصدن تي ٻڌل دعوائن کي رد ڪندي ان کي هٿ ٺوڪي پروپئگنڊه قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان جمعي ڏينهن ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ اڊا سراج نارووال ۾ هندو مندر بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت جي بيان تي سخت ردعمل جو اظهار …

اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان نارووال ۾ هندو مندر جي حوالي سان ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ڪوڙي ۽ سياسي مقصدن تي ٻڌل دعوائن کي رد ڪندي ان کي هٿ ٺوڪي پروپئگنڊه قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان جمعي ڏينهن ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ اڊا سراج نارووال ۾ هندو مندر بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت جي بيان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان مندر جي حوالي سان ڀارتي پرڏيهي وزارت پاران ڪيل ڪوڙي ۽ سياسي مقصدن تي ٻڌل دعوائن کي رد ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته ڀارت پاران ڦهلائي ويندڙ ڪوڙي پروپئگنڊه جي ابتڙ مندر جي عمارت کي 21 جولاءِ 2026ع تي شديد برساتن سبب نقصان پهتو هو. هن چيو ته مقامي عملدار برسات سبب ٿيندڙ نقصان جو اڳ ۾ ئي جائزو وٺي چڪا آهن ۽ عمارت جي بحالي جي لاءِ قدم شروع ڪيا ويا آهن. ترجمان چيو ته اها ڳالهه شرم جوڳي آهي ته ڀارت حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته حقيقتن کي اهڙي طرح ڄاڻي واڻي مسخ ڪرڻ ڀارت ۾ اقليتن جي خلاف منظم ظلم ۽ ڏاڍ ۽ انهن جي عبادتگاهن تي رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ حملن جي انتهائي خراب رڪارڊ تان ڌيان نه ٿو هٽائي سگهي. ترجمان چيو ته دنيا هندوتوا نظريي کي اقليتن جي خلاف بطور هٿيار استعمال ڪرڻ کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ ان کي ڀارتي قيادت کي مسلم، سک ۽ مسيحي برادرين جي خلاف جاري ظلم ۽ ڏاڍ تي جوابده قرار ڏيڻ گهرجي.