اسلام آباد - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام، يونيورسٽي آف لاهور ۽ ٽريننگ اينڊ ٽيڪنالاجي آرگنائيزيشن ايزمور جي ڪنسورشيم جي وچ ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪيون ويون. جمعي ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ يونيورسٽي آف لاهور ۽ ايزمور جي ڪنسورشيم جي وچ ۾ پاڪستان جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ تعاون جي …
وزيراعظم يوٿ پروگرام، يونيورسٽي آف لاهور ۽ ٽريننگ اينڊ ٽيڪنالاجي آرگنائيزيشن ايزمور جي ڪنسورشيم جي وچ ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام، يونيورسٽي آف لاهور ۽ ٽريننگ اينڊ ٽيڪنالاجي آرگنائيزيشن ايزمور جي ڪنسورشيم جي وچ ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪيون ويون. جمعي ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ يونيورسٽي آف لاهور ۽ ايزمور جي ڪنسورشيم جي وچ ۾ پاڪستان جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ تعاون جي امڪانن تي غور ڪرڻ جي سلسلي ۾ وزيراعظم آفيس ۾ هڪ اهم اعلى سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪوروٽ سسٽمز جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. ان معاهدي جي صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ايزمور جو سيد عمر شريف بخاري، ڪوروٽ سسٽمز جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪاشف الحق، جونيئر اچيومنٽ پاڪستان جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو ميمبر علي زاهد، ڊپٽي ڊائريڪٽر امسال زمان ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جا ٻيا نمائندا پڻ موجود هئا. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاڪستان حڪومت جو هڪ اهم نوجوانن تي مرڪوز پروگرام آهي جنهن جو مقصد تعليم، هنرمندي، ڪاروباري موقعن، روزگار، ڊيجيٽل شموليت ۽ ٻين نوجوانن بابت پروگرامز جي ذريعي ملڪ جي نوجوانن جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ آهي. ان قدم جي ذريعي سرڪاري شعبي، يونيورسٽين، پيشيواراڻي تربيتي ادارن ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي جي صلاحيتن کي گڏ ڪندي نوجوانن جي لاءِ تعليم، هنرمندي، ڊيجيٽل تعليم، ڪاروباري موقعن، پيشيواراڻي ترقي ۽ ڪردارسازي جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ان قدم کي ساراهيندي چيو ته نوجوانن جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽين، نجي شعبي ۽ پيشيواراڻي تربيتي ادارن سان بامعنى حصيداري انتهائي اهم آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهڙي تعاون سان پاڪستان جي نوجوانن کي جديد تعليم، هنر ۽ پيشيواراڻا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ليٽر آف انٽينٽ تحت عملي، جامع ۽ پائيدار قدمن کي فروغ ڏنو ويندو جنهن سان سڄي ملڪ جي نوجوانن کي حقيقي ۽ موثر فائدا حاصل ٿين.











